ترجمي جي اهميت ۽ فن، سنڌي ٻوليء ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ’پروفيسر موري ۽ مان‘ جي ترجمي جو مختصر اڀياس
(The Significance and Craft of Translation: A Concise Analysis of the Sindhi Translation ` Tuesdays with Morrie`)

ڊاڪٽر قاضي علي رضا

This paper discusses translation as a linguistic, cultural and intellectual process with specific references made to Sindhi language and literature. Instead, it considers translation as the transfer of meaning, culture, and aesthetic value between languages, and not just the replacement of words. The article gives a brief overview of the significant variable types of translations and explains the main theoretical principles that are developed by most prominent scholars, as well as typical obstacles to translation, including the loss of meaning and the irrelevance of cultures. A real-life situation example in which the Mitch Albom novel Tuesdays with Morrie was translated by Qurban Channa as Professor Morrie and I is provided to explore the efficacy of the applied translation strategies. As it is seen in the analysis, even though there can be no perfect match, a good translator can deliver emotional richness, philosophical acumen, and clarity of the story. The paper concludes that use of the existing rules of translation can lead to creation of authentic and meaningful translation, which can make a great contribution to the enrichment of Sindhi literature and the cultural exchange.

Keywords: Translation Studies, Sindhi Literature, Cultural Transposition, Linguistic Equivalence, Mitch Albom, Qurban Channa, Tuesdays with Morrie, Translation Strategies, Socio-Cultural Exchange.

 

تعارف

ترجمي جو لغوي ۽ اصطلاحي مفهوم: ’ترجمو‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى بيھندي هڪ ٻوليءَ جو مواد ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ آڻڻ. جامع سنڌي لغات موجب لفظ ترجمي جي معنى آهي:

[ع. ترجمة = بيان، سوانح عمري] ڪنهن تحريرَ يا تقريرَ کي هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ آڻڻ جو ڪم- اُتار. (بلوچ، 1981: 600)

انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمي کي Translation چيو ويندو آهي، جنهن جي معنى پڻ ساڳي بيهي ٿي:

Translation: words that have been changed from one language into a different language: words that have been translated (merriam-webster.com/dictionary)

ترجمي جي تاريخ ۽ انساني ارتقا سان لاڳاپو: ترجمي جي تاريخ، انساني ارتقا سان گڏ آهي، جيئن ئي ماڻهن جي آبادي وڌي، لڏپلاڻ ٿي ته هو هڪ ٻئي کان پري ٿيندا ويا؛ نتيجي ۾ ٻولين جا ڪيترائي لهجا وجود ۾ آيا، جيڪي اڳتي هلي پاڻ آزاد ٻولين ۾ شمار ٿيا. ماڻهن جي لڏپلاڻ سبب هڪ ٻئي کان الڳ ٿلڳ رهڻ ڪري، هنن جي اڳيان جيڪي بنيادي مشڪلاتون سامهون آيون، انهن ۾ هڪ ٻئي جي ڳالهه کي ڌاريءَ ٻوليءَ جي ڪري نه سمجهڻ هو. اُن مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ سماج مان ئي ترجمو ڪندڙ پيدا ٿيا. ترجمي جي اوائلي صورت ’ڳالهائڻ جو ترجمو‘ هو، جيڪو بعد ۾ ’لکت جي ترجمي‘ ۾ تبديل ٿيو. ترجمي جي ڪم اڳتي هلي، جڏهن فن جي صورت اختيار ڪئي ته ان جي اڳيان ڪافي مشڪلاتون آيون، جن ۾ هر زبان جو پنهنجو رواج ۽ خاص رنگ هو. ’قرآن مجيد ڪي اردو تراجم‘ جو تحقيقي ڪتاب لکندڙ ڊاڪٽر عبدالحڪيم شريف مطابق، ”جيڪو لفظ هڪ ٻوليءَ ۾ هوندو آهي، ان جو ٻي زبان ۾ ترجمو نهايت مشڪل ڪم آهي.“ (شريف، 1987ع: 70) ان جي باوجود وقت جي تقاصائن کي سامهون رکي ترجما ٿيندا رهيا؛ ڇاڪاڻ ته ترجمي جو بنيادي ڪم ٻن ٻولين سان گڏ ٻن تهذيبن جو پاڻ ۾ ربط پڻ هو.

ترجمو، ٻولين سان گڏ تهذيبن جو رابطو: انساني تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته سماجن ۾ ترقيءَ جو هڪ وڏو ذريعو ماڻهن جو پاڻ ۾ ميل جول رهيو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته ترجمي جي شڪل ۾ هڪ سماج جو رهاڪو، ٻئي معاشري جي ماڻهن جي معلومات حاصل ڪري.

ترجمي جي تعريف

جديد محققن جون تشريحون: محققن جي مٿين ڳالهين کي سامهون رکي ترجمي جي تعريف هن ريت به ڪري سگهجي ٿي ته پنهنجي زبان ۾ مختلف ٻولين جي ادبي فن پارن جا شاهڪار ترجما اصل ۾ قوم جي خدمت آهن. بيشڪ ڪجهه معاملن ۾ هي ڏکيو ڪم آهي، پر ان پوري صورتحال ۾ سڄي ذميداري مترجم جي مٿان اچي ٿي ته هو ڪهڙي ريت پنهنجي قوم جي اڳيان دنيا جي ٻين معاشرن جون سهڻايون ۽ حسناڪيون پيش ڪري ٿو. ترجمي جي مٿين مختلف تشريحن کانپوءِ هيٺيان نُڪتا سامهون آيا آهن.

  • هڪزبان مان ٻي زبان ۾ منتقلي
  • اصل۽ نقل جي وچ ۾ وفاداري

مترجم جون ذميواريون

  • معنىجي درستگي

اصل متن جي معنى کي بغير بگاڙ جي ٽارگيٽ ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ.

  • ٻوليءَتي عبور

ٻنهي ٻولين (ماخذ ۽ هدف) جي گرامر، لغت، محاورن ۽ اصطلاحن تي
مڪمل مهارت.

  • ثقافتيهم آهنگي

ثقافتي فرقن کي نظر ۾ رکندي ترجمو اهڙو ڪرڻ جو پڙهندڙ کي ڌاريائپ محسوس نه ٿئي.

  • لهجي۽ انداز جي حفاظت

ادبي، سائنسي، قانوني يا صحافتي متن جو اصل لهجو ۽ انداز برقرار رکڻ.

  • غيرجانبداري ۽ ايمانداري

ذاتي راءِ يا تعصب شامل نه ڪرڻ؛ متن کي جيئن آهي تيئن پيش ڪرڻ.

  • اصطلاحنجو صحيح استعمال

فني ۽ علمي اصطلاحن لاءِ مڃيل ۽ مستند برابر لفظ استعمال ڪرڻ.

  • تحقيقيذميواري

مشڪل لفظن، حوالن ۽ پسمنظر بابت تحقيق ڪرڻ.

  • نظرثاني۽ پروف ريڊنگ

ترجمي کي ٻيهر پڙهي غلطيون درست ڪرڻ ۽ رواني وڌائڻ.

  • وقتجي پابندي

مقرر وقت اندر معياري ترجمو مهيا ڪرڻ.

ترجمو ڇو ضروري آهي؟

ڊاڪٽر الطاف جوکيو، پنهنجي مضمون ’ ترجمي جو فن ۽ سنڌي ادب ۾ ترجمو ٿيل علم و ادب جو مطالعو‘ ۾ لکي ٿو، ”هن عمل يا فن جي گُھرج ڪنهن سماج جي گُھرجن مطابق هوندي آهي. ترجمي جي گھرج تڏهن کان ئي سمجهي وئي آهي جڏهن کان انسان هن دنيا ۾ الڳ ٿلڳ رهڻ ڪارڻ پنهنجو سماج ۽ ثقافت جوڙي هوندي.“ (جوکيو، 2015ع: بلاگ)

ترجمي جو ڪم حقيقي طور ٻن ثقافتن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ ترجمو ٻن الڳ معاشرن جي وچ ۾ هڪ پُلِ جو ڪم ڪندو آهي. ”جيڪر ترجمي جو ڪم نه هجي ها ته دنيا، گونگن جي هڪ وستي هجي ها. هڪ ملڪ يا هڪ ڪلچر جي خيالن کي ٻين ملڪن يا ڪلچر جي زبان ۾ منتقل ڪرڻ کي ترجمو چيو ويندو آهي.“ (رئيس، 1974ع: 179) ترجمو اسان جي روزمره جي ضرورت بڻجي ويو آهي. پاڻ ڄاڻون ٿا ته ڪنهن به معاشري جا سڀ ماڻهو، مادري زبانن کانسواءِ باقي ٻولين سکڻ جي معاملي ۾ ڏکيائي محسوس ڪن ٿا. ان ڪري ترجمو ئي اهو ذريعو آهي، جنهن سان هڪ ماڻهو ٻي ٻوليءَ جي خيالن کي آسانيءَ سان پڙهي سمجهي سگهي ٿو.

ترجمي جا مقصد

ترجمي جي فن تي تحقيق ڪندڙن جي اڳيان جڏهن هي سوال اٿاريو ويو ته ’آخر ترجمي جا مقصد ڪهڙا آهن؟‘ ته هنن شروعاتي طور ترجمي جا ٽي مقصد ڄاڻايا آهن.

  • پهريون: معلوماتي
  • ٻيون: تهذيبي
  • ٽيون: جمالياتي(رئيس، 1974ع: 72)

ٻيو، ترجمي ۾ تهذيبي پاسي کي اجاگر ڪرڻ سان ان تهذيب کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.

 

ترجمي جا ڪجهه مسئلا

معنوي نقصان: ترجمي سان هونءَ ته گهڻائي مسئلا آهن، جيئن مٿي لکيو ويو آهي ته ’جمالياتي ترجمو‘ هڪ مُنجهيل سُٽ جيان هوندو آهي يا هڪ پيچيده عمل، پر اڪثر ائين به ٿيندو آهي ته هڪ ترجمو گهڻين ٻولين مان ٿيندو، پنهنجي اصل شڪل وڃائي ويهندو آهي.

ثقافتي فرق: ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ، ترجمي بابت پنهنجي مضمون ۾ نجم عباسيءَ جي ڪتاب ’پهاڙن ۾ پُڪار‘ جو مثال ڏيندي لکيو آهي ته ”خليل جبران جو اصل ڪتاب ارواح المعتمريده جي عنوان سان 1920ع ۾ عربي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيو ۽ ان جو انگريزي ترجمو سال 1948ع ۾ Spirits Rebellious جي نالي سان شايع ٿيو ۽ انگريزيءَ تان اردوءَ ۾ حبيب اشعر سرکش روحين جي عنوان سان ترجمو ڪيو ۽ ابوالعلا چشتي به ساڳئي ڪتاب جو اردو ترجمو دلهن کي سيج جي عنوان سان ڪيو، ۽ نجم عباسي انگريزي ۽ اردو ڪتابن تان ملائي 1996ع ۾ پهاڙن ۾ پڪار جي عنوان سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو (ميمڻ، 2013ع: 05). ڊاڪٽر صاحبه ان حوالي سان نجم عباسيءَ جو حوالو به لکيو آهي، جنهن ۾ نجم عباسي، ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي نظر اچي ٿو ته هن ترجمي ۾ ايتري ته ڦير گهير ڪئي آهي، جيڪڏهن خليل جبران زنده هجي ها ته شايد پنهنجي تخليق کي سڃاڻي نه سگهي ها.

مذهبي ۽ ادبي متنن جو ترجمو: هڪ ٻيو خيال هي پڻ آهي ته ڪجهه ڪتابن جو ترجمو ناممڪن نه پر تمام گهڻو مشڪل ضرور آهي. جيئن مذهبي ڪتب کي هڪ زبان مان ٻي زبان ۾ ترجمو ڪرڻ پيچيده عمل آهي. ”قرآن دانيءَ جا عالم انهيءَ راءِ جا آهن ته: قرآن شريف جو لفظ به لفظ ترجمو، جيڪو  هوبهو اصل جهڙو هجي، سو ناممڪن آهي. ڪوبه شخص، جيڪو ترجمي جو ٿور گھڻو شعور رکي ٿو، سو ڄاڻي ٿو ته ڪنهن به ڪتاب جو ترجمو اصل ڪتاب جهڙو ٿي نٿو سگهي. پر اهڙو ڪتاب جيڪو الهامي آهي، سو ته معنى توڙي صورت جي لحاظ کان نقل (ترجمو) ٿي نٿو سگهي.“ (آگرو، 2001: 41- 86)

ترجمي جا قسم

ترجمي جي فن ۾ ان جا مختلف قسم بيان ڪيا ويندا آهن. جن مان ڪجهه خاص هيٺ ڏجن ٿا.

علمي ترجمو: هي ترجمو، گهڻو ڪري لفظي هوندو آهي. هن ترجمي ۾ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويندو آهي ته جنهن لفظ يا اصطلاح جو ترجمو هڪ جاءِ تي ڪيو وڃي، اهو لفظ يا اصطلاح ٻي جڳهه تي ڪم اچي ته به ان جو ساڳي معنى ۾ ٻئي جاءِ تي به استعمال ٿئي. هر ممڪن ڪوشش سان ان ۾ هڪجهڙائي برقرار رهي، جيئن پڙهندڙ جو ذهن ڪٿي به منجهي نه پوي.

ادبي ترجمو: هن ترجمي لاءِ لازم آهي ته پنهنجي ٻوليِءَ جي صنعتن کان ڀرپور مدد ورتي وڃي؛ جيئن، تشبيهون، استعارا، ڪنايه، رمزن ۽ علامتن جو پوري طريقي سان استعمال ڪيو وڃي. ان ڪرڻ سان ترجمي ۾ ادبي رنگ اچي ويندو آهي، جيڪو پڙهندڙ جي جماليات جي حِس کي تيز ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ”ادبي ترجمو، اهڙي ريت ڪجي جو پڙهندڙ ان کي طبع زاد سمجهي. هو ڪنهن به لحاظ کان جنهن ٻوليِءَ ۾ ترجمو ٿئي پيو، ان سماج کان ڌار نظر نه اچي.“ (رئيس، 1974ع: 70)

صحافتي ترجمو: صحافت، موجوده دؤر ۾ معلومات جو وڏو ذريعو آهي. هن قسم جي ترجمي کي آزاد ترجمو پڻ چيو وڃي ٿو. هن ترجمي ۾ بنيادي طور مفهوم جو ترجمو ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي پابندي جي ضرورت ناهي هوندي. مترجم کي اها ڇوٽ مليل هوندي آهي ته هو اصل لفظن کي سمجهي، انهن کي پنهنجي لفظن ۾ اتاري سگهي ٿو.

لفظي ترجمو: لفظي ترجمي مان آسان مطلب هي آهي ته ڪلام کي هڪ زبان مان ٻي ٻوليءَ ۾ ان جي نظم و ضبط قاعدن ۽ قانون پٽاندڙ ترجمو ڪيو وڃي؛ جيئن، ان ۾ اصل ڪلام جي معنى ۽ مفهوم قائم رهي. ”لفظي ترجمي ۾ مترجم کي تمام گهڻو پابند هجڻ گهرجي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ٿئي.“ (حريري، 1999ع: 22)

تفسيري ترجمو: هن قسم جي ترجمي ۾ هڪ ڪتب مان ٻئي ڪتب ۾ اهڙي ريت ترجمو ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ اصل متن کي کليل لفظن ۾ يا سمجهاڻي جي انداز ۾ بيان ڪيو وڃي. هن ترجمي ۾ اهو پڻ لازم آهي ته مترجم، پنهنجي طرفان ڪو به وڌاءُ يا گهٽتائي نه ڪري پر ڪلام جي اصل معنى کي اڳيان رکي، ان جي تشريح ڪندو وڃي.

آزاد ترجمو: ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ موجب، آزاد ترجمن مان مطلب مختلف ادبي صنفن جي ڪتابن جو ترجمو آهي. جن ۾ نثر توڻي نظم جون صنفون شامل هونديون آهن. ”ادب جي مختلف صنفن کي ترجمي جي عمل مان گذارڻ مهل انهن صنفن جون گهُرجون الڳ الڳ آهن، انهيءَ لحاظ کان معيار ۽ ماپا مقرر ٿيل آهن، ترجمي جو اهم اصول آهي ته ترجمو اصل مطابق هجي. مترجم تي اها ٻٽي جوابداري آهي ته هو نقل کي به اصل جهڙو ڪري پيش ڪري، انهيءَ لاءِ وٽس لاڳاپيل صنف جي وسيع ڄاڻ ۽ ٻوليءَ جي لفظن جو وڏو ذخيرو ۽ ان جي ڪارائتي استعمال جو ڏانءُ هئڻ گهرجي.“ (ميمڻ، 2013ع: 05)

ترجمي جا اصول

اسلوب ۽ رواني: ترجمو، اهو پوءِ ڀلي مادري زبان مان ٻي ٻوليءَ ۾ ڪيو وڃي يا ڌاري ٻوليءَ مان مادري زبان ۾ ان جو ٻه صورتون هونديون آهن. پهرين، آزاد ۽ ٻي لفظي يا اصطلاحي. ترجمي ڪرڻ وقت مترجم، لفظن کي ڪاٽڻ ۽ وڌائڻ جو عمل پيو ڪندو آهي. اهڙي قسم جي ترجمي جي ڪري پڙهندڙ اصل متن جو بس ٿورو تاثر ئي قبولي ٿو.“ (قزلباش، 1989ع: 08) ٻئي پاسي وري آزاد ترجمي ۾ تخيلقي ۽ جمالياتي طريقو استعمال ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته لفظي ترجمو معنوي لحاظ کان پنهنجو رشتو برقرار رکندو ايندو. اهڙي قسم جي ترجمي کي ڪجهه محققن ايمانداري وارو ترجمو پڻ چيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ مترجم اصل متن سان وفاداري نڀائيندي نظر ايندو آهي.

ڊوليٽ جا پنج اصول: فرينيچ شاعر ۽ مترجم ڊوليٽ اٽئين ترجمي جي فن ۾ پنج بنيادي اصول مقرر ڪيا هئا، جن وسيلي هڪ زبان کان ٻي زبان ۾ ترجمي جو ڪم سٺي نموني ٿي سگهي ٿو. اصول هيٺ ڏجن ٿا: (ڊولييٽ، (1540)

  1. ترجمو ڪندڙ لاءِ لازمي آهي ته هو سڀ کان پهريائين اصل متن جي خيال ۽ معنى جو ڌيان سان جائزو وٺي.
  2. مترجم کي ٻنهي زبانن يعني جنهن مان ترجمو ٿئي پيو ۽ جنهن ۾ ترجمو ٿئي پيو،ان تي عبور حاصل هجي.
  3. ترجمو ڪندڙ کي لفظي يعني لفظ به لفظ ترجمي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
  4. مترجم کي گهرجي ته عام ڪاروهنوار ۽ معمول واري زبان استعمال ڪري.
  5. مترجم کي اها پڻ آزادي هجن گهرجي ته هو صحيح ڍنگ برقرار رکڻ لاءِ مناسب لفظن جي چونڊ ڪري.

فرينچ شاعر ڊوليٽ جي ٺاهيل اصولن موجب مترجم کي متن تي ڌيان ۽ اصل لکت جي مطلب تي گهڻو توجهه ڏيڻ گهرجي. ساڳي وقت، ڊوليٽ لفظي ترجمو نه ٿو چاهي ته ان جو مطلب هو آزاد ترجمي جي حق ۾ آهي.

ٽيٽلر جا اصول: سال 1790ع ۾ يونيورسٽي آف ايڊنبرگ ۾ تاريخ جي پروفيسر الگزينڊر فاسر ٽيٽلر Essay on the principles of Translation هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ ترجمي جي حوالي سان ڪافي ڪمائتون ڳاليهون شامل هيون. هيٺ ڪجهه خاص نڪتا لکجن ٿا.

  • ترجمو، مڪمل طور تي اصل متن جي خيالن ۽ جذبات جي نمائندگي ڪندو آهي.
  • ترجمي لاءِ اسلوب جي خاصيت جو برقرار رهڻ ضروري آهي.
  • ترجمي لاءِ اصل متن جي عبارت جهڙي رواني ۽ سلاست جو خيال رکڻ به ضروري آهي.
  • تخليقي مواد، جنهن ۾ خاص ڪري شاعريِءَ جو ترجمو، اهڙي ريت ڪرڻ گهرجي جو اهو اصل کان وڌيڪ يا گهٽ ۾ گهٽ اصل جهڙو معلوم ٿئي.
  • ترجمو، پنهنجي ذاتي تجربي جهڙو هجڻ گهرجي. جنهن ۾ شين کي سؤلائي سان سمجهائي سگهبو آهي.

ترجمي جا طريقا

ويهين صديءَ ۾ فرينچ لسانيات جي ماهر جين پال وني، جين ڊربيلنٽ سان گڏجي ترجمي جي فن تي ڪم ڪيو. جنهن ڪري ٻنهي کي ترجمي جي حوالي سان باني پڻ مڃيو وڃي ٿو. انهن 1995ع ۾Comparative Stylistics of French and English: A Methodology for Translation ۾ هنن جو ڪتاب شائع ٿيو. جنهن ۾ ترجمي ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا ٻڌايا ويا آهن. جن مان هتي مکيه ست طريقا ترتيب مختصر تشريح سان رکجن ٿا:

ترجمي جي مٿين طريقن جي جيڪڏهن لسانيات جي ماهرن جين پال وني ۽ جين ڊربيلنٽ جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ تشريح ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته هن طرح بيھندي:

ترجمو ٿيندڙ ٻوليءَ ۾ اڳي ئي اُڌار ورتل   (Borrowing)

هن طريقي ۾ ٻولين جي ذريعن کي تهذيب ۽ ثقافت جي روايتن ۾ ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو. ترجمي جي هن قسم ۾ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ مان لفظ اڌارا ورتا ويندا آهن. جيئن سنڌيءَ ۾ سنسڪرت، عربي، فارسي، انگريزي وغيره. جا لفط موجود آهن. اهو عمل عام رواجي طور دنيا جي ٻولين اندر خوبين ۾ شمار ٿئي ٿو ته ڪهڙي ريت ٻين ٻولين مان اڌارا ورتل لفظ هو پاڻ سمائي ڇڏين ٿيون. سنڌيءَ ۾ توهان کي جاچڻ سان ڪيترائي اهڙا لفظ ملندا، جيڪي اصل ۾ ته ڌاريا آهن، پر ڳالهائڻ وقت. ڪڏهن به انهن جي اوپرائپ جو احساس نه ٿو ٿئي. انگريزي لفظ، پين، ٽيبل، گلاس، ڪمپيوٽر وغيره. ان جو مثال آهن.

ترجمو ٿيندڙ ٻوليءَ ۾ لفظن جو قرض طور استعمال (Calque)

ڪالق يا قرض طور ورتل لفظ، هنن لفظن ۽ (Borrowing) يا اڌُار ورتل لفظن ۾ بنيادي فرق هي آهي ته اڌارا لفظ ٻوليءَ ۾ پهرين کان مستعار هوندا آهن، جڏهن ته ڪالق اهي لفظ هوندا آهن، جن جي معنى يا انهن جو متبادل لفظ ترجمو ٿيندڙ ٻوليءَ ۾ موجود ناهي هوندو. نتيجي ۾ مترجم انهن ساڳين لفظن کي ترجمي ۾ استعمال ڪندو آهي. اڳتي هلي اهي لفظ ترجمو ٿيندڙ ٻوليءَ جو حصو ٿي ان کي شاهوڪار ڪن ٿا. سنڌيءَ ۾ ان جا تمام گهڻا مثال موجود آهن، جيڪي شروع ۾ ڪالق جي صورت ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا. هاڻي (Borrowing) جي شڪل ۾ موجود آهن. اينٽي باڊيز، سپرمين، بيٽمين، پيش لفظ، شعله بيان وغيره ان جا مثال آهن.

لفظ به لفظ (Literal Translation)

هن قسم جي ترجمي ۾ مترجم سڌو طريقو استعمال ڪندو آهي. ٻين لفظن ۾ مترجم گرامر ۽ محاورن جو درست استعمال ڪندو آهي. ان طريقي کي لفظ به لفظ ترجمو چيو وڃي ٿو. مثالطور:

سنڌيءَ ۾:

 توهان ڪٿي آهيو؟

In English:

 Where are you.

سنڌيءَ ۾:

تنهنجو نالو ڇا آهي؟

In English:

What is your name?

 

جملن ۾ لفظن جي جڳهه تبديل ڪرڻ (Transposition)

ترجمي ۾ Transposition اُن عمل کي چوندا آهن، جنهن ۾

لفظن يا گرامر جي صورت  (noun  verb، adjective  noun  وغيره) يا لفظن جي جڳهه بدلائي وڃي ٿي،

پر جملو جو مفهوم ساڳيو رهي ٿو.

يعني مترجم لفظي وفاداري بدران معنوي درستگي کي ترجيح ڏئي ٿو.

مثال 1: (انگريزي  سنڌي

Original (English):

17 ڀيرا پڙهيو ويو

© 2008-2026 Sindhi Language Authority